پيٽرونس ٽاور

پيٽرونس ٽاور

پيٽرونس ٽاور

پيٽرونس ٽاور: 1998ع ۾ ملائيشيا ڪُئالالمپور شهر ۾ پيٽرونس ٽاور تعمير ٿيا، جن جي چوٽين جي اوچائي آمريڪا جي شڪاگو ۾ اڏيل ”سيئرس ٽاور“ کان به 33 فوٽ وڌيڪ بلند يعني 1483 فوٽ آهي. سيئرس ٽاور جو سڀ کان مٿين ماڙ ماڻهن جي استعمال ۾ اچي ٿي، جيڪاپيٽرونس ٽاورن جي آخري ماڙ کان 200 فوٽ وڌيڪ اوچائيءَ تي اڏيل آهي ۽ ان جون اينٽينائون اڃا مٿي آهن، پر ان جي مجموعي اوچائي پيٽرونس ٽاور کان 33 فٽ گهٽ آهي.
پيٽرونس ٽاور ملائيشيا جي معاشي خوشحالي ۽ مذهبي استقلال جي علامت طور موجود آهن.
هنن ٽاورن جي ڪامپليڪس ۾ شاپنگ سينٽر، راندين جون ڪلبون، وندرگاهون، پيٽروليم، ميوزيم، سمفني هال، ملٽي ميڊيا ڪانفرنس هال ۽ هڪ عظيم الشان مسجد، عمارت سازيءَ جي اعليٰ معيار موجب تعمير ٿيل آهن. ان کان سواءِ ان ۾ 4500 موٽر ڪارن جي بيهارڻ لاءِ هڪ زير زمين گيريج به هنن ٽاورن هيٺان موجود آهي. ٽاورن جي فرش (Floors) جو نقشو اٺڪنڊن تارن (Eight Pointed Stars) جهڙو آهي، جيڪو ملائيشيا جي اسلامي عمارت سازيءَ جي علامت طور اختيار ڪيو ويو آهي.
هي ٽاور 88 ماڙن تي مشتمل آهن ۽ ٻائيتاليهينءَ ماڙ وٽ فولاد جي لچڪيدار پُل وسيلي ڳنڍيل آهن. جيڪا پل 192 فٽ ڊگهي ۽ 750 ٽن وزني آهي. پئرس شهر ۾ ٺهيل ايفل ٽاور 985 فوٽ اوچو آهي، نيويارڪ شهر جي امپائير اسٽيٽ بلڊنگ 1250 فوٽ اوچي آهي. شڪاگو شهر ۾ اڏيل سيئرس ٽاور 1454 فوٽ اوچو آهي. پر پيٽرونس ٽاورن جي اوچائي هنن ٽنهي ٽاورن کان وڌيڪ يعني 1483 فوٽ آهي. انٽرٽينمينٽ (Entrainment) نالي فلم پيٽرونس ٽاورن ۾ فلمائي وئي هئي، جنهن ۾ مشهور اداڪارن سين ڪونري (Sean Connery) ۽ ڪيٿرين زيتا جونز (Catherine Zeta Jones) ڪردار ادا ڪيو هو.
هنن ٽاورن جي تعمير ۾ 36910 ٽن فولاد استعمال ٿيو آهي. ٻنهي ٽاورن ۾ ڪُل ٻٽيهه هزار دريون آهن. سمورين درين کي فقط هڪ ڀيرو ڌوئي صاف ڪرڻ ۾ مهينو لڳندو آهي، پر زمين کان وٺي ٽاورن جي آخري ماڙ تائين لفٽ ذريعي پهچڻ ۾ فقط 90 سيڪنڊ يعني صرف ڏيڍ منٽ لڳي ٿو. هنن ٽاورن جي تعمير 1992ع ۾ شروع ٿي ۽ اهي 1998ع ۾ جڙي راس ٿيا. هنن ٽاورن جي اڏاوتي منصوبي جو نالو ”ڪُئالالمپور سٽي سينٽر“ هو.
هي ٽاور 452 ميٽر يعني 1483 فوٽ بلند آهن. ٽاورن ۾ زمين جي سطح کان مٿي 88 ماڙيون ٺهيل آهن. جن مان پنج ماڙيون زير زمين به ٺهيل آهن. هر هڪ ماڙ جي ڊيگهه (اوچائي) 4 ميٽر يعني 13 فوٽ آهي. ٽاورن ۾ 39 لفٽون نصب ٿيل آهن.
پيٽ ڦاٽو: ڀرت جو هڪ قسم. ڦلڙيءَ جو هي قسم تمام گهٽ يا معمولي سمجهيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ هيءُ گل جو هڪ قسم آهي، جنهن جو اندريون دائرو بلڪل خالي ٿئي ٿو. دائري جي مٿان سخت قسم جون ٽي يا وڌ ۾ وڌ چار ڀتيون ٺاهبيون آهن. ڦلڙيءَ جو هي قسم گهڻو محنت طلب نه آهي ۽ نه ئي ايڏو مقبول آهي، ڇاڪاڻ ته منجهس ايڏي سونهن ڪا نه ٿئي. انهيءَ کان سواءِ سگهڙ زالون گلن جا ٻيا به ڪيترائي قسم ڳاني کي سونهن وارو بنائڻ لاءِ ٽاڪينديون آهن.


لفظ پيٽرونس ٽاورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو